اسلا?? آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلا?? آباد ۾ ٻ??ڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ ريئل ٽائيم مانيٽرنگ جي لاءِ ڊيش بورڊ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڊيش بورڊ جي ذريعي ٻ??ڏ متاثرين کي ملندڙ مقامي ۽ عالمي امداد ۽ ان جي ورڇ جي معلومات تائين دنيا جي ڪنه?? به حصي مان پهچ ممڪن ٿيندي. ان کانسواءِ ٻ??ڏ متاثرين جي امداد ۾ معاونت جي لاءِ ويب سائيٽ، هڪ ٺوس فلڊ ريليف مئنيجمينٽ سسٽم، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين ۾ مصروف فيلڊ ورڪرز جي لاءِ ڊيج??ٽل ايپليڪيشنز ۽ پاليسي ۽ فيصلاسازي جي لاءِ ايگزيڪيوٽو ڊيش بورڊ پڻ ان فلڊ ريسپانس نظام جو حصو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.