نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ نوجوان پر??يهي وزيرن جي اجلاس جي ميزباني ڪئي. ڪئناڊا، جمهوريه چيڪ، هنگري، آئس لينڊ، ليٿوانيا، ليڪٽن اسٽائن، پاناما، قطر ۽ سربيا جي پر??يهي وزيرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب پر??يهي وزير انسانيت کي درپيش موجود ۽ مستقبل جي چئلينجن تي روشني وڌي. هن سڀني جي لاءِ سلامتي، امن ۽ هم آهنگي جي ضمانت رکندڙ مستقبل جي عالمي نظام جي جوڙجڪ جي لاءِ ڇهه نقاطي ايجنڊا جو خاڪو پيش ڪيو. اهو موسمياتي تبديلي، فني ۽ سائنسي ترقين، ماحول دوست نوڪرين، جديد سپلائي چ??نز?? بحرانن ۽ هنگامي حالتن کان متاثر عالمي معيشت، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ تڪرارن جو حل، مستقبل ۾ ممڪن وبائي مرضن ۽ مضبوط گهڻ رخي تعاون جي ضرورت جهڙن چئلينجن جو احاطو ڪندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نوجوانن بابت خصوصي ايلچي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ نوجوانن جي پنه??جي مستقبل جي جوڙجڪ جي عمل ۾ ڀرپور شرڪت بابت سيڪريٽري جنرل جي خيالن کي اجاگر ڪيو. پر??يهي وزيرن متفق ۽ پرزور طريقي سان پر??يهي وزير جي قدم جي آجيان ڪئي ۽ انهن م??ئل?? جو خاڪو پيش ڪيو جن کي هو دنيا جي قومن جي مستقبل جي لاءِ اهم سمجهي ٿو. هن موجوده چئلينجز بشمول سياسي، سيڪيورٽي، اقصادي، انساني حقن ۽ ماحوليات ۽ گڏيل اعتماد ۾ کوٽ، انساني رابطن، نوجوانن کي درپيش م??ئل?? ۽ عالمي تعاون ۾ کوٽ جو ذڪر ڪيو. شرڪت ڪندڙن ۾ عام اتفاق هو ته هي نئون پليٽ فارم هڪ شاندار قدم آهي جنهن جي آجيان ڪرڻ گهرجي. پر??يهي وزير آخر ۾ ميٽنگ دوران ظاهر ڪيل قيمتي خيالن کي نوٽ ڪيو جيڪي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران تجويز ڪيل ”مستقبل جي معاهدي“ جي جوڙجڪ ۾ غور فڪر جي لاءِ معلومات فراهم ڪندا. بحث جو خلاصو سمورن شريڪ وزيرن کي موڪليو ويندو ۽ بعد ۾ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ڌرين سان شيئر ڪيو ويندو.