اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون ??نظ??م (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي ثمرقند، ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون ??نظ??م جي ميمب?? ملڪن ۽ مبص?? ملڪن جي سربراهن کانسواءِ ايس سي او جي مختلف ??نظ??من جا سربراهه ۽ ٻين خاص مهمان شرڪت ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون ??نظ??م جو سڀ ک??ن اعليٰ فورم آهي جيڪو ??نظ??م جي حڪمت عملي، امڪانن ۽ ترجيحن تي غور ۽ وضاحت ڪري ٿو. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ توانائي جي حفاظت ۽ پائيدار سپلائي چين سان گڏوگڏ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي پڻ منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون ??نظ??م جي ميمب?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ اجلاس جي موقعي تي شنگهائي تعاون ??نظ??م جي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقا??ون پڻ ڪندو. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ شنگهائي تعاون ??نظ??م ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ پکڙيل ه?? وڏي علائقائي ??نظ??م آهي. شنگهائي تعاون ??نظ??م جا ميمب?? ملڪ مجموعي طور تي دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. شنگهائي تعاون ??نظ??م جو امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ انفراسٽرڪچر، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايجنڊا خطي ۾ اقتصادي رابطن سان گڏوگڏ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي تعاون ??نظ??م جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ ک??ن ايس سي او جي مختلف ميڪانزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي ??نظ??م جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.