پتن – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برسات کان متاثر آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين، سڄي دنيا مان متاثرين جي امداد تي انهن جا ٿورائتا آهيون، الله سان واعدو ??هي ته اسان سڀ گڏجي يقيني بڻائينداسين ته ڪو حقدار امداد کان محروم نه رهجي وڃي، امداد جي شفاف ورڇ ۽ پهچ يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي 10 لک رپيا ڏيندي، مصيبت جي گهڙيءَ ۾ سمورن متاثرين س??ن گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ ۽ برسات کان متاثر لوئر ڪوهستان جو دورو ڪيو جتي هن ٻوڏ کان متاثر ماڻهن س??ن ملاقات پڻ ڪئي. ڪشمنر هزاره ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر وزيراعظم کي امدادي ڪاررواين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته هن علائقي ۾ 18 فوتگيون ٿيون آهن، متاثرين جي لاءِ رهائشي ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. وزيراعظم ان موقعي تي متاثرين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هتي ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي خانداننس ان همدردي جي اظهار لاءِ حاضر ٿيا آهيون، ڪالام، سوات، بحرين، ڪوهستان ۾ درياءَ ۾ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، هتي ڦاٿل سياحن کي هٿياربند فوج جا هيليڪاپٽرز محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن، وفاقي حڪومت مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين س??ن گڏ بيٺل آهي جيستائين انهن کي پنهنجي گهرن ۾ بحال نه ڪنداسين سک سان نه ويهنداسين، صوبائي حڪ??مت??ن، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ انتظاميا متاثرين جي خدمت لاءِ موجود آهن، ٻوڏ ۽ برساتن س??ب جنهن گهر کي به نقصان پهتو، ان کي 25 هزار رپيا في ڪس ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا وفاق پاران ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ان کانسواءِ بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت جتي به ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، جيترا وسيلا به ٿيا آهن اهي انهن تي لڳائينداسين، دوست ملڪن پاران امداد مل?? رهي آهي، انهن جا ٿورائتا آهيون، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ايران، چين، ترڪيءَ سميت ٻيا ڀائر ملڪ اسان جي مدد ڪري رهيا آهن. آمريڪا، برطانيا به امداد جو اعلان ڪيو آهي، گڏيل قومن 160 مل??ن ڊالر جي فليش اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته جتان به اسان کي امداد مل??دي، الله تعاليٰ سان واعدو ??هي ته سڀ گڏجي ان کي حقدار تائين پهچائينداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن اهڙي شخص کي جيڪو حقدار نه آهي امداد نه مل??. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي لاءِ 10 ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گڏجي شفاف طريقي سان ورهائيندي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين. ان موقعي تي وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، پيپلزپارٽي اڳواڻ نجم الدين خان پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.