اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير چوڌري عابد شير علي چي?? آهي ته مظلوم ڪشميري عوام خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي، سڄي پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ انهن جي سياسي، سفارتي، اخلاقي، قانوني، انساني حمايت جاري رکي ويندي، جيستائين ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ پائيدار حل نه نڪرندو خطي ۾ امن ۽ اعتماد جي فضا قائم نه ٿي ٿي سگهي. هڪ ملاقات دوران هن چي?? ته ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان جو هر ٻار احتجاج ڪر?? رهيو آهي ۽ عالمي دنيا کان مطالبو ڪر?? رهيا آهيون ته ڪشمير مسئلي جي فوري حل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي. هن چي?? ته اسان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميري عوام سان قومي جذبي سان يڪجه??ي جو ڀرپور اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي طاقتن جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائينداسين. هن چي?? ته سڄي پاڪستاني قوم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي تائين سک سان نه ويهندي. هن چي?? ته ڀارت جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو مل??ائ?? جو مقصد ڪشمير مسئلي جي سنگيني کي عالمي سطح تي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۽ مظلوم ڪشميري عوام کي پيغام ڏيڻ آهي ته اها آزادي جي جدوجهد ۾ اڪيلي نه آهي پر پاڪستاني قوم ان سان گڏ آهي. هن چي?? ته 5 گسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀارتي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جي خلاف ٻار، بزرگ، جوان هر شهري پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان يڪجه??ي جو اظهار ڪندي عالمي دنيا تي واضح ڪر?? رهيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني قوم ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي. اسان ڪشميرين جي ترجماني ڪندي انهن جو آواز هر پليٽ فارم تي اٿارينداسين. هن چي?? ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ اسان پنهنجي شهه رڳ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن به قدم کان نه ڪيٻائينداسين.