اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سينيئر سياستدان ۽ پار??يا??ينٽرين مخدوم جاويد هاشمي جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خوا??شن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مخدوم جاويد هاشمي جي آپريشن کانپوءِ جلد صحتيابي لاءِ د??ا ڪئي. هن چيو ته جاويد هاشمي هڪ مخلص ڀاءُ ۽ ملڪ ۽ پارٽي جو قيمتي اثاثو آهي، الله تعاليٰ کيس جلد صحتياب ڪري.