اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ صوم??لي?? جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي ”لُڪ آفريقه پاليسي“ سان سمورن آفريقي ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صوم??لي?? جي عهدو ڇڏيندڙ سفير خديجه المخزومي سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صد?? او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت تي صوم??لي?? جو ٿورو ادا ڪيو، صد?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏنو، صد?? صومالي پارليامينٽرينز کي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارلياماني سروسز پاران پارلياماني خدمتن جي پروگرام مان مستفيد ٿيڻ جي دعوت ڏني، صد?? چيو ته صومالي شاگردن جو هڪ وڏو تعداد پهرين ئي پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، پاڪستان ڪافي تعداد ۾ صومالي پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ ان جي پنه??جي گهرن ۾ محفوظ واپسي جو خواهشمند آهي. صد?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو.