اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ آزا?? ۽ ??ودمختيار ملڪ آهي، پاڪستان جي حاڪميت ۽ سالميت تي ٺاه?? نه ڪنداسين، عمران خان کي هٽائڻ لاءِ عالمي سازش تيار ڪئي وئي، آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ۾ ڪو به حرج نه آهي پر حڪومت جي تبديلي ۾ غير ملڪي سازش کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، م??ال?? ڌر جا مُک اڳواڻ ان سازش جو حصو آهن، م??ال?? ڌر ڌمڪي واري خط جا نڪتا ڏسڻ کان به انڪاري آهي، اسان اهو نتيجو ڪڍڻ تي مجبور آهيون ته عمران خان کي هٽائڻ ??ي عالمي سازش ۾ سياسي ڪردارن کانسواءِ ميڊيا جا ڪجهه م??ڻه?? به شامل آهن، عمران خان آخري بال تائين مقابلو ڪندڙ رانديگر آهي جيڪو پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڌمڪي واري خط جو جائزو ورتو ويو، ان حوالي سان ڪجهه فيصلا به ڪيا ويا، هن چيو ته اهو قابل اعتراض خط آهي جيڪو پاڪستان جي حڪومت کي لکيو ويو جنهن ۾ واضح طور تي حڪومت تبديل ڪرڻ جو اشارو ۽ ڌمڪي ڏني وئي. هن چيو ته خط نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ به بحث هيٺ آندو ويو، ان کانپوءِ پارليامينٽ جي سيڪيورٽي ڪميٽي جو ان ڪئميرا اجلاس طلب ڪيو ويو، وزيراعظم اڄ رات ان حوالي سان قوم کي به خطاب ڪندو، سڀاڻي ان تي وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي جنهن جي باري ۾ ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان هڪ آزا?? ۽ ??ودمختيار ملڪ آهي، آئيني طور تي حڪومت جي تبديلي ٿئي ته ان ۾ ڪو به هرج نه آهي پر جهڙي طريقي سان هتي تبديلي تي زور ڏنو ويو ان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته اسان پارلياماني اڳواڻ ۽ م??ال?? ڌر اڳواڻ کي به گهرايو ته جيئن اهي ثبوت ڏسن پر م??ال?? ڌر اهي ثبوت ڏسڻ کان انڪاري آهي، هن چيو ته م??ال?? ڌر جا ڪجهه مک اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن جيڪي ٻاهرين طاقتن کان ڊڪٽيشن وٺي رهيا آهن، انهن جو بنيادي مقصد عمران خان کي هٽائڻ ??هي. هن چيو ته م??ال?? ڌر جا اڳواڻ پنهنجي اکين سان اهي ثبوت ڏسي سگهن ٿا پر اهي هي ثبوت ڏسڻ کان ئي انڪاري آهن، ان مان اهو ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته م??ال?? ڌر اڳواڻ ان سازش ۾ پوري طرح ملوث آهن. هن چيو ته ان سازش ۾ م??ال?? ڌر جا سمورا م??ڻه?? شامل نه آهن، پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻن کي به چوڻ چاهيان ٿو ته اهي پنهنجا فيصلا هولڊ ڪن، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اچن ۽ پاڻ اهي دستاويز ڏسن جنهن جي بنياد تي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته وزيراعظم عمران خان کي هٽائن جي سازش هڪ عالمي سازش آهي ۽ ان ۾ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ملوث آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جا هندستان ۽ اسرائيل جي سفارتخانن سان رابطا ڪنهن کان لڪل نه آهن، ان کانسواءِ پاڪستان جي ميڊيا جا ڪجهه سينئر م??ڻه?? به انهي سازش ۾ شامل آهن، هن چيو ته ان سازش جو آغاز نواز شريف جي اپارٽمينٽ مان ٿيو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عمران خان آخري بال تائين وڙهندڙ رانديگر آهن، هو قطئي طور تي استعيفا نه ڏيندو، عمران خان پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت جي جنگ وڙهي رهيو آهي، هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ عمران خان جي دور ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد ٿي آهي، جڏهن هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني آئي ته ان وقت جي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن ڪردارن جو تعاون نه هجي ها ته هو هندستان کي غلام نه بڻائي سگهي ها. اڄ به اهو ئي ٿي رهيو آهي، ڪجهه م??ڻه?? عمران خان کي هٽائڻ ??ي عالمي سازش ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ان سازش کي ڏسي رهي آهي، اسان قطئي طور تي پاڪستان جي حاڪميت تي ٺاه?? نه ڪنداسين، اسان پاڪستان جي حاڪميت، پاڪستان جي مانهن جي وقار ۽ پنهنجي پاسپورٽ جي عزت لاءِ شيهي جي ديوار وانگر بيـٺل رهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته م??ال?? ڌر اچي ۽ ثبوت ڏسي، ان کانپوءِ ڪنهن جي دل ۾ ڪو سوال آهي ته اهو پڇي، ان سڄي صورتحال کانپوءِ م??ال?? ڌر کي غيرت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جي حيثيت نه آهي، اصل معاملو اهو آهي ته پاڪستان جي عوام ڇا چاهي ٿي ۽ هو ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي، هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري قيادت موجود هئي، اجلاس جي حوالي سان پڌرنامو جاري ٿي ويندو.