اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سي?? چيو آهي ته يورپي يونين جي صدر وزيراعظم عمران خان کي ٽي??يف??ن ڪري ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين جي تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري، وزيراعظم ان تي عملي قدم کڻندو، جهانگير ترين ۽ عليم خان پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا ره??دا آهن، مقامي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي ره??دي آهي، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪي سياسي صورتحال تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ?? ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي غور ٿيو، اجلاس ۾ پشاور واقعي تي بريفنگ ڏني وئي، پشاور واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، اسان جي فورسز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي تمام جلد جوابدارن تائين پهچ حاصل ڪئي. هن چيو ته ماسٽر پلانر سميت سمورن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. چوڌري فواد ??سي?? ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان کي يورپي يونين جي صدر ٽي??يف??ن ڪال ڪئي، يورپي يونين جي صدر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته يوڪرين ۽ روس تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته يورپي يونين جي صدر جي وزيراعظم عمران خان سان ٽي??يف??ن تي ڳالهه ٻولهه وڏي اڳڀرائي آهي، وزيراعظم عمران خان ا?? تي عملي قدم کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سياست ۾ سدائين ڪجهه نه ڪجهه لڳل ره??دو آهي، هي بلبلو تمام جلد ڦاٽي ويندو. هن چيو ته جهانگير ترين ۽ عليم خان اسان جي پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، اهي اسان جي پارٽي جو حصو آهن. پارٽي جي اندر سياست ٿيندي ره??دي آهي ۽ اهي پنهنجي سياست ڪري ره??ا آهن. هن چيو ته اسان جي ڪيترن ئي ايم پي يز جون ا??هن سان همدرديون، دوستيون ۽ پراڻا لاڳاپا آهن، وزيراعظم عمران خان سان عليم خان ۽ جهانگير ترين جا ويجها لاڳاپا آهن. چوڌري فواد ??سي?? چيو ته ماڻهو پنهنجي سياست ڪندا ره??دا آهن، مقامي سطح تي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي ره??دي آهي.