اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شا??ل آهي، رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻائيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوجوانن جي معاملن بابت ??اص مددگار عثمان ڊار، عاقب جاويد، رانا عاطف ۽ ڪرڪيٽر شا??ين آفريدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، کين پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شا??ل آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو پيو وڃي ته رانديگرن جي چونڊ ۾ ميرٽ جي بالادستي هجي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيور جي ڪاميابي ۽ ان جي نتيجي ۾ نوجوانن کي مختلف راندين ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا ميسر اچڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ??اص طور تي ڪرڪيٽ ۾ ڪامياب جوان ۽ لاهور قلندر جي تعاون سان ٽئلينٽ هنٽ پروگرام ۾ اڀرندڙ ڪرڪيٽرز جي ايندڙ پاڪستان سپر ليگ ۾ شموليت جي حوالي سان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم لاهور قلندر ۽ ڪامياب جوان پروگرام جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ڪرڪيٽر شا??ين شا??ه آفريدي جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪارڪردگي کي ساراهيندي وڌيڪ محنت سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار جاري رکڻ جي تلقين ڪئي.