اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سينيٽ چيئرمين جي گهر ويو ۽ سينيٽر چيئرمين صادق سنجراڻي سان سندس ننڍي ڀا??ُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، ناڻي وارو پارلياماني سيڪريٽري مخدوم زاده زين قريشي به پرڏيهي وزير س??ن گڏ هو، پرڏيهي وزير مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ مرحوم جي مغفرت ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.