اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانون سازي، قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ طئي ٿيو ته فنانس ترميمي بل تي مخالف ڌر کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويندو ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ التوا ۾ پي?? بلن ??ي جلد منظوري لاءِ ترجي??ي بنيادن تي قدم کنيا ويندا. اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي عوامي مسئلن ??ي حل ۽ ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندي ۽ آئين ۾ مقرر 130 ڏينهن کي پورو ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي عوامي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.