اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڻ صه انتهائي اعليٰ ??خل??ق ۽ اوصاف جا مالڪ هئا، پاڻ صه صحت مند معاشري جي جوڙجڪ لاءِ هڪ مڪمل ضابطه ??خل??ق ڏنو. هن جشن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڻ صه پاڪيزه سيرت ۽ ذاتي عمل سان انتهائي ٿوري عرصي ۾ ماڻهن جي زندگ??ن ۾ تبديلي آڻي دنيا ۾ هڪ انقلاب برپا ڪيو ۽ صحتمند معاشري جي جوڙجڪ لاءِ هڪ مڪمل ضابطه ??خل??ق ڏنو. قاسم خان سوري چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران رحمت اللعالمين اٿارٽي جو قيام انتهائي اهم قدم آهي جنهن ڪري نوجوان نسل کي سيرت خاتم النبين محمد ﷺ جي اسلوب کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.