اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي ن??از ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي ن??از ادا ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته موجوده حڪومت پاران اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي يوم ولادت باسعادت جي مناسبت سان عشره رحمت اللع??لم??ن ملهايو پيو وڃي جنهن تي آ??ون مبارڪون پيش ڪريان ٿو، هن حضور اڪرم ﷺ جي رحمت ۽ ان جي عموميت، شموليت ۽ آفاقيت جي مختلف رخن کي اجاگر ڪندي چيو ته الله تعاليٰ پاڻ صه ﷺ کي سڀني جي لاءِ سراپا رحمت بڻائي موڪليو، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح ره?? ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.