اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بل اينڊ ميلنڊاگيٽس فائونڊيشن (BMGF)جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي ٽيليفون ڪئي ۽ پوليو ج?? خاتمي جي ڪوششن ۽ پاڪستان ۾ غذايت ۽ مالي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ??ائونڊيشن جي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بل گيٽس کي پوليو ج?? خاتمي لاءِ ??اڪستان جي مسلسل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ۽ بي ايم جي ايف پاران فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪ ۾ هن سال وائلڊ پوليو وائرس جو صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي ۽ وائلڊ پوليو وائرس جا مثبت ماحولياتي نمونا ڪافي حد تائين گهٽ ٿيا آهن، وزيراعظم چيو ته مثبت اڳڀرائي جي باوجود مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اڃان به ڪم جاري آهي، هن ان ڳالهه تي زور ??نو ته حڪومت ملڪ ۾ هر قسم جي پوليو ج?? خاتمي لاءِ ??رعزم آهي. بل گيٽس وزيراعظم جي عزم جي واکاڻ ڪئي ۽ فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ پوليو پروگرام کي جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ٻار کي پوليو وائرس جو خطرو نه ٿئي.
بل گيٽس وزيراعظم جي قيادت ۾ آگسٽ ۾ پوليو ج?? وڌيڪ خطرن وارن ضلعن جي ڊپٽي ڪمش??رن سان گهرايل اجلاس جي ڏس ۾ مثبت ڪوششن ۽ ان جي اثرن کي ساراهيو. وزيراعظم ۽ بل گيٽس افغانستان ۾ صحت جي نظام جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ج??ڪو پاڪستان سان پوليو ج?? شڪار دنيا جو ٻيو ملڪ آهي، هن ان بيماري جي خاتمي لاءِ افغانستان ۾ پوليو ج?? مهم ٻيهر شروع ڪرڻ جي اهميت ۽ پوليو ج?? خاتمي لاءِ ??اڪستان جي تازي ڪاميابي جي حفاظت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم چيو ته افغانستان جي اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان کي مالي مدد جي ضرورت آهي. هن بل گيٽس کي درخواست ڪئي ته هو افغان عوام کي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ تي غور ڪري، بل گيٽس وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڪووڊ – 19 ويڪسين جي تياري ۾ مبارڪباد ڏني ۽ فائونڊيشن پاران احساس پروگرام سميت حڪومت جي انتظام هيٺ پروگرامن جي مسلسل حمايت جو ذڪر ڪيو ج??ڪو غربت کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪارانداز جي ڪري قومي بچت پروگرام جي ڊجيٽلائيزشن لاءِ شاندار اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. بل گيٽ پاڪستانين جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ گيٽ فائونڊيشن جي ذريعي مسلسل تعاون جي آڇ ڪئي، وزيراعظم بل گيٽ جو پاڪستان سان فائونڊيشن جي قابل قدر سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو.