نيويارڪ / اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ري??ي گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز سان ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانس??ان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گذريل مهيني ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان بيلجيئم کي يورپي يونين ۾ پاڪس??ان جو اهم واپاري حصيدار سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي. مخدوم شاهه محمود ??ري??ي پاڪس??ان ۽ بيلجيئم جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪس??ان جي حمايت تي بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ افغانس??ان جي موجوده صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. مخدوم شاهه محمود ??ري??ي چيو ته افغانس??ان ۾ امن قائم ٿيڻ پاڪس??ان سميت پوري خطي جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. افغانس??ان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران جي خطري کي سامهون رکندي عالمي برادري کي گهرجي ته افغان عوام جي مدد جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻي. مخدوم شاهه محمود ??ري??ي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ افغان عوام جي انساني ۽ معاشي مدد عالمي برادري پاران مثبت پيغام پهچائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندي. بيلجيئم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سوفي وليمز ڪابل مان بيلجيئم جي سفارتي عملي جي محفوظ انخلا ۾ پاڪس??ان پاران فراهم ڪيل خصوصي تعاون تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ري??ي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا پڻ مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.