اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف جي دعوت تي 16 کان 17 سيپٽمبر تي تاجڪستان جو ٻن ڏي??هن جو سرڪاري دورو ڪندو. هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وف?? به وزيراعظم عمران خان سان گڏ هوندو، وزيراعظم جو وچ ايشيا جو اهو ٽيون دورو هوندو، ج??هن سان خطي جي ملڪن سان گڏ پاڪستان جي وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿئي ٿي، وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ شنگهائي تعاون ت??ظي?? (ايس سي او) جي 20 هين سربراهي اجلاس ۾ شر??ت ڪندو، ان کان اڳ هن 13 ۽ 14 جون 2019ع تي ڪرغز جمهوريه جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ ٿيندڙ ايس سي او جي سربراهي اجلاس ۽ 10 نومبر 2020ع تي وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي روس جي ميزباني ۾ سربراهي اجلاس ۾ شر??ت ڪئي هئي. شنگهائي تعاون ت??ظي?? هڪ 8 رڪني مستقل عالمي علائقائي ت??ظي?? آهي ج??هن کي 15 جون 2001ع تي شنگهائي ۾ قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان 2005ع ۾ ايس سي او هو مبصر ۽ جون 2017ع ۾ آستانه سربراهه اجلاس ۾ ت??ظي?? جو مڪمل ميمبر بڻيو. روس، چين، ڀارت ازبڪستان، ڪازڪستان، جمهوريه ڪرغز ۽ تاجڪستان ايس سي او جا ٻيا ميمبر ملڪ آهن، شنگهائي تعاون ت??ظي?? ۾ ايران، مينگوليا، بيلاروس ۽ افعانستان مبصر جڏهن ته آذربائيجان، آرمينيا، ڪمبوڊيا، نيپال، ترڪي ۽ سريلنڪا ڊائيلاگ پارٽنر جي حيثيت سان شامل آهن، وزيراعظم شنگهائي تعاون ت??ظي?? جي اجلاس جي موقعي تي ٻين شريڪ ميمبرن سان ٻه طرفي ملاقاتون به ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم تاجڪ صدر سان ملاقات ڪندو. ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ٻه طرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو احاطو ڪندي ج??هن ۾ علائقائي رابطن تي خصوصي ڌيان سميت واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌائڻ شامل آهي، ٻئي ملڪ ان کان اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ داخل ٿيڻ جي مضبوط عزم جو اظهار ڪري چڪا آهن. وزيراعظم عمران خان پاڪستان، تاجڪستان بزنس فورم جي پهرين اجلاس جو افتتاح به ڪندو. ج??هن جي لاءِ پاڪستاني واپارين جو هڪ گروپ دوشنبي جو دورو ڪندو، جوائنٽ بزنس فورم وڌندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي متحرڪ ڪندو ۽ ٻنهي پاسن کان واپاري برادري جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏيندو. ان موقعي تي پاڪستان، تاجڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل جو اجلاس به ٿيندو، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي رشتن تي ٻڌل ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ خطي ۾ م??اش?? ترقي، امن ۽ سلامي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل خيال ۽ هڪجهڙي خواهش رکندا آهن، وزيراعظم عمران خان جو اهو دورو وچ ايشيا سميت ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت پاڪستان جي گهري لاڳاپن جو حصو آهي ج??هن ۾ سياسي لاڳاپا، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن کانسواءِ سيڪيورٽي ۽ دفاع جي 5 اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.