اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته قائداعظم مس??مانن ??ي لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي جدوجهد ڪئي، باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان خودمختيار رياست بڻجي اڀريو، ان تي پوري قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، محمد علي جناح جي شخصيت هڪ اعليٰ ۽ مثالي ڪردار رکندڙ هئي، هن جمهوري ۽ انصاف تي ٻڌل اصولن کي اختيار ڪيو. قائداعظم محمد علي جناح جي ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته قائداعظم وڪالت ۽ سياست ۾ رهي پنهنجي دامن کي صاف سٿرو رکيو?? هو مس??مانن جي نئين سر ذهني تعمير ۾ روشني جو مينار بڻيل رهيو، هن پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات اعليٰ معيار ۽ ديانت سان ڪئي، پنهن??ي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي جوڙي جيڪا سدائين ٺوس ۽ مڪمل رهي. هن چيو ته باباءِ قوم ??ي لاڏاڻي جو ڏهاڙو اسان کي هڪ اهڙي عظيم ترين قائد جي ياد ڏياري ??و جنهن ننڍي کنڊ جي خوفزده ۽ مايوس مس??مانن کي هڪ نصب ا??عي?? ڏنو هو، هن منزل حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ هڪ بي مثال قيادت فراهم ڪئي.