لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري م??مد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري م??مد سرور ۽ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان ۽ عوامي ڀلائي جي ترقيايت منصوبن ت?? اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پنجاب جي گورنر سان ملاقات ۾ پنجاب جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جڏهن ت?? پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ڪشمير اليڪشن ۾ وڏي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين ت?? اعتماد بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته تمام جلد متوقع اوورسيز ڪنوينشن ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني برادري نه رڳو ڀرپور شرڪت ڪندي پر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ پڻ گهري دلچسپي رکي ٿي. پنجاب جي گورنر وزيراعطم کي اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ ??نيل قدمن ت?? خراج تحسين پيش ڪندي ڀونگ ۾ جاري مندر جي بحالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو.