اسلام ??باد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابرا عواڻ چيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام ??تم ڪرڻ لاءِ اي وي ايم جو استعمال اڻٽر آهي، اي وي ايم ??ي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ لاءِ عوامي سطح تي عوامي راءِ هموار ڪرڻ ??ي ڪوششن ۾ پارلياماني معاملن واري ??زارت ۽ اطلاعات واري ??زارت گڏجي قدم کڻي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پارلياماني معاملن واري ??زارت ۾ اي ايم وي ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي ??ي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو ته 1970ع کان ٿيندڙ هر چونڊ ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا آهن، ان حوالي سان اسان کي هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻ ??ي ضرورت آهي، هن چيو ته مخالف ڌر پارٽين کي چونڊ سڌارن تي اسان سان ڳالهائڻ گهرجي، اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اي وي ايم ٽيڪنالاجي جي حوالي سان سمورو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ان ٽيڪنالاجي سان چونڊن ۾ ڌانڌلي ??ي الزامن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اجلاس کي ٻڌايو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون اليڪشن ڪميشن جي ڏنل شرطن تي پورو لهن ٿيون، انهن مشينن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ جو رڪارڊ سان گڏوگڏ پيپر رڪارڊ به دستياب هوندو، هن چيو ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ ۾ ڪو به مسئلو درپيش نه آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اطلاعات واري ??زارت اي وي ايم ??ي استعمال ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ بابت عوامي راءِ هموار ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته چونڊن ۾ شفافيت جي حوالي س??ن موجوده حڪومت تاريخي قدم کنيا آهن، اي وي ايم ٽيڪنالاجي چونڊن ۾ شفافيت طرف هڪ اهم قدم آهي، هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق فراهم ڪرڻ ??سان ??ي اولين ترجيح آهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت عوام ۽ سياسي پارٽين ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ ??ي حوالي س??ن معاملا بحث هيٺ آيا. اجلاس ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ چونڊن خاص طور تي 2018ع جي عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين پاران لڳايل اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چونڊ سڌارن لاءِ سمورين ڌرين کي دعوت ڏيڻ، سال 2000ع کان وٺي هيستائين چونڊن تي ٿيندڙ خرچن، ضمني چونڊن ۾ مخالف ڌر ??ي اعتراضن، اي وي ايم جي حوالي سان شفافيت کي اجاگر ڪرڻ ??ابت وڊيو پيڪيج تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اجلاس ۾ اطلاعات واري ??زات ۽ پارلياماني معاملن واري ??زارت پاران اي وي ايم جي شفافيت بابت شروع ڪيل ميڊيا مهم جي حوالي سان به معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس کي اي وي ايم بابت اهم نقطن ۽ ان بابت خدشا ختم ڪرڻ، مالياتي معاملن ۽ ٽيڪنالاجي جي تفصيلي تعارف جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جا قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت آگاهي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.