اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين داسو ڊيم جي تعمير لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انجنيئرز کي خ??اج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ اهو منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان مستقبل ۾ ملڪ کي سستي بج??ي دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داسو ڊيم جي تعميراتي ??م جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم زير تعمير ڊيم جي مختلف حصن ۽ ٽنل جو معائنو ڪيو، هن چيو ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن کي انجام ڏيڻ تي آئون غير ملڪي انجنيئرز سميت سمورن ڪارڪنن کي خ??اج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان منصوبي سان ملڪ کي سستي بجلي ??لندي، ان طرح جا منصوبا گهڻو پهرين شروع ٿيڻ گهرجن ها ته جيئن ملڪ لاءِ سستي بج??ي دستياب ٿئي ها. جهڙي طرح منگلا ۽ تربيلا مان ملڪ کي سستي بج??ي حاصل ٿي ۽ پاڪستان جي صن??تن کي ان مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، وزيراعظم چيو ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.