اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هي اسل??مي دنيا تي آزمائش جو وقت آهي، قبله اول تي حملو اسل??مي دنيا تي حملو آهي، 27 رمضان المبارڪ تي اسرائيل قبله اول مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري پوري مسلمان امت کي للڪاريو آهي، ان وقت کان هيستائين وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽ?? آءِ جي ??ڪومت هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو، آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل جي ??من جي ل??ءِ سفارشن کي ويٽو ڪري رڪاوٽ وڌي وئي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه رهندي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ فلسطين جي معاملي تي تاريخ جي ??حيح رخ ۾ تي بيٺل هوندو، پي ٽ?? آءِ جي ??ڪومت فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪڏهن به آنچ اچڻ نه ڏيندي، جمعي 21 مئي تي پوري قوم فلسطينين سان پرامن ۽ شائسته انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري. قومي اسيمبلي جي ??جلاس ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي ??والي سان پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پوري ايوان کي مبارڪباد ڏني ته حڪومت جا هٿ ان اتفاق ر??ءِ سان مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان جو وقار بلند ٿ??ندو.