اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هزاره برادري کي خاطري ڪرايان ٿو ته انهن جي ڏکن جو ازالو ڪيو ويندو، حڪومت اڳتي اهڙي قسم جي حملن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ??اڙ??سري ملڪ فرقيواراڻي دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي، پنهنجي عوام جو اعتماد نه ٽوڙيندس، ڏکويل خاندانن سان دعا ۽ تعزيت جي لاءِ اتي ??يندس. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو مچ ۾ ٿيل دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ هزاره برداري جي ماڻهن کي يقين ڏياري ٿو ته هو انهن جي ڏکن ۽ مطالبن کان واقف آهي، مستقبل ۾ اهڙي طرح جي حملن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ڄاڻون ٿا ته اسان جو ??اڙ??سري ملڪ فرقيواراڻي دهشتگردي کي هوا ڏئي رهيو آهي.