اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ حڪومت قدم ک??ي ر??ي آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته قيام پاڪستان تي رکيل ب??ياد موجب سمورين اقليتن کي برابر حق فراهم هجن. ذات، پات يا مذهب جي بنياد تي ڪو به تعصب نه هجي. ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو ته اسان جي حڪومت انهي سوچ کي ف??وغ ڏئي عو??م جي ترقي ۽ هڪجهڙن موقعن فراهمي يقيني بڻائي ر??ي آهي، هن چيو ته مسيحي برادري جو ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار رهيو آهي، اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، آئنده به اهڙو ماحول پيدا ڪنداسين جنهن سان انهن جو احساس تحفظ برقرار ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا رهن.