اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومتي معاشي ٽيم ڪورونا وائرس جي وبا جي ب??وجود معاشي انگ اکر ب??تر قرار ڏنا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سي??يٽر شبلي فراز چيو ته ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير خسرو بختي??ر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ ٻين ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ چيو ته معيشت، روزگار ۽ مهانگائي جي مسئلن کي تيزي سان حل ڪندي عوام جي زندگين آسانيون آڻڻ اسان جي حڪومت جو اول ۽ آخر مقصد ۽ هدف آهي.