اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ عقيل ڪريم ڊيڊي هتي ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ عقيل ڪريم ڊيڊي صنعتن جي فروغ جي حوالي ??ان وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته ڪاروبار ۽ صنعتي عمل جي فروغ جي حوالي ??ان حڪومتي ڪوششن ۽ پاليسين جي نتيجي ۾ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ??يو آهي ۽ ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن کانپوءِ ڪاروباري سرگرميون بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي، هن چيو ته ڪاروباري برادري جي سهولتڪاري ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي سرپرستي ??ان ملڪي معيشت تي مثبت اثر پوندا.