اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ان عزم کي ورجايو آهي ته هڪ طرف عوام کي ڪرونا وائرس وبا کان بچائڻ ۽ ٻئي طرف عوام کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان به محفوظ رکڻو آهي، وفاقي ڪابينا قومي رابطا ڪميٽي جي فوڊ سپلاءِ جي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جي فيصلي تي سنڌ حڪومت پاران عملدرآمد نه ڪرڻ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي يقي??ي بڻايو وڃي، وزيراعظم عمران خ??ن ڪرونا وائرس متاثر ماڻهن جي تذليل ۽ بدسلوڪي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته ڪرونا وائرس جي مريضن سان بهتر سلوڪ ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا 1200 ارب جي معاشي رليف پئڪيج ۽ 700 بلين جو هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خ??ن ڪرونا جي موجوده صورتحال جي حوالي سان ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ ڪرونا وائرس کان بچڻ ۽ ان جي منف?? اثرن کي روڪڻ ۽ منف?? اثرن کان بچائڻ جي لاءِ کنيل ??دمن کان آگاهه ڪيو.