اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو ??نه??ي حصو بڻجي سدائين ياد رهنديون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سندس اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو ??نه??ي حصو بڻجي سدائين روشن رهنديون. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته هن ان??ن سورن جي ستايل ماڻهن جي زخمن تي مرحم رکيو جن کي ??عاشرن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.