اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪو??ونا ڪيسن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي ۾ اجلاس جي ??دارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪو??ونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جولاءِ جي ??خر تائين ڪو??ونا وائرس ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جون جي وچ تائين ڪو??ونا ڪيسن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي ۽ ماهرن موجب جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته جون جي ??خر تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ جي ??خر تائين ڪو??ونا ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس جي ??دارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقينن اها ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انتظام?? قدمن جي ??لاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس او پيز جون خلاف ورزيون ڪندڙن جي ??لاف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته اين سي او سي هاڻي اهڙن ماڻهن جي ??لاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.