اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته پناهگاهن ۽ ل??گر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جي ڏک ۽ درد جو احساس نه آهي، غريبن جي درد جي احساس جي دعويٰ ڪندڙ پرڏيهي ملڪ پنهنجي محلاتن ۽ فائيو اسٽار هو??لن ۾ عياشيون ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اڄ کان پهرين ڪنهن حڪومت فوٽ پاٿن ۽ پارڪن تي سمهندڙن جو احساس ناهي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اها حڪومت انهن جي ڏکن تي مرهم رکي رهي آهي، هن ملڪ جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن بدعنواني، مني لانڊرنگ ۽ غريبن جو رت چوسي عوام کي ڏک ڏنا، وزيراعظم عمران خان بهترين طريقي ۽ پرعزم انداز ۾ غريب عوام جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. مديني جي رياست وا??گر فلاحي رياست طرف ا??ڀرائي جو اهو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي اليون پناهگاهه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.