انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ترڪ سيڙپڪارن کي ??اڪ??تا?? ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. ڊي اي آءِ ڪي – فار اڪنامڪ رليشنز بورڊ تحت ترڪي پاڪ??تا?? بزنس ڪائونسل کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۾ هائيڊل، ٿرمل، ڪول، ونڊ ۽ سولر سميت توانائي جي شع??ي ۾ ترڪ سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، وزيراعظم چيو آهي ته ڪيترائي مشهور ترڪ سيڙپڪار پهرين ئي پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن، هن يقين ڏياريو ته حڪومت انهن منصوبن جي سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي توانائي جي وڌندڙ قيمتن ۽ پاڪ??تا?? ۾ توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي ??ظر ۾ رکندي پاڪ??تا?? کي توانائي جي شع??ي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، توانائي جي شع??ي ۾ سيڙپڪاري سان ترڪ سيڙپڪار ۽ پاڪ??تا?? ٻنهي کي ??ائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪ??تا?? آبي وسيلن ۽ ڊيمن جي تعمير لاءِ ترڪي جي مهارت مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، پاڪ??تا?? ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا اجاگر ڪندي وزيراعظم خصوصي توانائي، هائوسنگ، ٽيڪسٽائيلز، انفرااسٽرڪچر جي ترقي، تيل ۽ گئس ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جو خاص طور ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا محبت، اخوت، گڏيل احترام جي بنياد تي هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ تاريخ، صديون پراڻي روايتن ۽ گڏيل امنگن جا امين آهن، هن چيو ته ٻئي قومون هر طرح جي حالتن ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ انهن جا لاڳاپا نهايت دوستاڻا ۽ غير معمولي گڏيل اعتماد تي ٻڌل رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪي جي ٽيڪسٽائيل ڪمپنيون پاڪ??تا?? ۾ خاص طور عالمي صنعت، واپار ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح جي ويلو چينز ۾ حصيدار بڻجي سگهن ٿيون، هن ترڪ ڪمپنين کي ??اڪ??تا?? ۾ زراعت تي ٻڌل صنعتي شعبي ۽ ڊيري فارمنگ ۾ سيڙپڪاري جي دعوت به ڏني ۽ چيو ته انهن شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا?? ۽ ترڪ ڪمپنيون تيل ۽ گئس جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون ۽ نه رڳو تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار پر ريفائنريز جي تعمير ۽ پائيپ لائينز وڇائڻ ۾ به حصيداري ڪري سگهن ٿيون وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي ترجيحن کي اجاگر ڪندي چيو ته چوٿين عالمي صنعتي انقلاب ??ي تناظر ۾ خاص طور صنعتي پيداوار جي چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ اهميت رکندڙ آهي، هن چيو ته پاڪ??تا?? جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪا ملڪ جي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.