اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيندي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم شهباز شريف سان ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا ريجن جي نائب صدر مسٽر هارٽ وگ شيفر ملاقات ڪئي. وز??را??ظم شهباز شريف نائب صدر جي آجيان ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. وز??را??ظم ڌرين جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن خاص طور تي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڌرين ويج??ي رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.