اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته سياحت ۽ ان سان جڙيل ٻين شعبن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اطهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عم??ان خان چيو ته وادي ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي سان انفرااسٽرڪچر ۽ معيشت جي بهتري ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم، وزيراعظم عم??ان خان کي آزاد ڪشمير حڪومت جي جاري عوامي ڀلائي ۽ سياحت جي شعبي جي ترق??ات?? منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪي??. و??يراعظم عم??ان خان آزاد ڪشمير ۾ احتساب ايڪٽ جي بحالي کي خوش آئنده قرار ڏيندي قانون جي بالادستي ۽ نظام ۾ شفافيت کي ملڪي ترقي لا??ِ اڻٽر قرار ڏنو.