اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته پاڪستان فلاحي رياست جي طور تي دنيا لاءِ مثال بڻجندو، ايندڙ وقت قومي صحت ڪارڊ جهڙي اسان جي قدمن جي اهميت ثابت ڪندو، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به شهرين کي اهڙي طرح جي هيلٿ انشورنس ميسر نه آه??، ملڪ جو پئسو ڦُريندڙ حڪمران کنگهه جو علاج ڪرائڻ به ٻاهر ويندا آه??، انهن جو سڄو خاندان ٻاهر ويٺل آه??، پاڪستان کي اهڙي فلاحي رياست بڻائينداسين جنهن ۾ رياست ڪمزور ۽ غريبن جي ذميداري کڻي ۽ قانون جي حڪمراني هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جي ذريعي اسلام آباد، پنجاب، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ ٿرپارڪر جي سمورن گهراڻن کي 10 لک روپين جي صحت جي سهولت مفت فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کانسواءِ وفاقي وزير ۽ خصوصي مددگارن سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ تي عثمان بوزدار ۽ سندس ٽيم ۽ صحت واري وفاقي وزارت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهو تمام وڏو قدم آه??، صحت ڪارڊ جي ذريعي هر خاندان کي 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهولت ميسر هوندي. وزيراعظم چيو ته برطانيه جو نيشنل هيلٿ سسٽم ويجهي ک??ن ڏٺو آه?? ۽ آئون ان کان تم??م گهڻو متاثر هئس پر جيڪو نظام اسان آڻي رهيا آه??ون، اهو ان کان به وڌيڪ بهتر آه??. برطانيه ۾ شهرين جي لاءِ صرف سرڪاري اسپتالن ۾ علاج مفت آه?? جڏهن ته اسان جيڪو هليٿ ڪارڊ متعارف ڪرايو آه?? ان جي ذريعي شهري نه رڳو سرڪاري پر پرائيوي?? اسپتالن مان به مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا ۽ هيلٿ انشورنس لاءِ ڪو پريميم به نه ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو ڪارڊ امير ۽ غريب جي فرق کانسواءِ سڀني جي لاءِ آه??، هن چيو ته مون سرڪاري اسپتالن جي تنزلي جو سفر ڏٺو آه??، پهرين سرڪاري اسپتالون تم??م گهڻيون بهتر هيون پر وقت سان گڏ اميرن جي لاءِ پرائيوي?? اسپتالون بڻجي ويون جڏهن ته سرڪاري اسپتال صرف غريبن جي لاءِ رهجي ويون، وزيراعظم چيو ته ڊسٽرڪ?? اسپتالن جي حالت اها ٿي وئي ته انهن ۾ ڊاڪٽرز نه آه?? ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ صحت جي سهولت نه هجڻ جي برابر آه??. ميانوالي مان علاج جي لاءِ ماڻهن کي راولپنڊي اچڻو پوندو هو، پورو سسٽم صرف ايلٽ ڪراس کي سهولتون فراهم ڪندو هو ۽ غريب صرف ٺوڪرون کائڻ لاءِ رهجي ويو هو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪنهن مقصد جي لاءِ ٺهيو هو، ڀارت جي مسلمانن پاڪستان جي لاءِ ووٽ ڏنو هو جڏهن کين معلوم به هو ته اهي اتي ئي رهجي ويندا، ماضي ۾ ڪنهن ان ويزن جي باري ۾ ناهي سوچيو جنهن جي تحت پاڪستان ٺهيو هو، وزيراعظم چيو ته جڏهن مون شوڪت خانم اسپتال جي قيام لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته پاڪستان ۾ ڪينسر جو علاج نه هوندو هو جنهن جي ڪري مون کي پنهنجي والده کي برطانيه کڻي وڃڻيو پيو، عام ماڻهو مهانگي علاج جو خرچ برداشت نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ مون ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو سوچيو، جڏهن اسان اها اسپتال شروع ڪئي ته پهرين چيف ايگزيڪيٽو جنهن جو تعلق ٻاهرين ملڪ سان هو چيو ته جيڪڏهن 5 سيڪڙو کان وڌيڪ مريضن جو مفت علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته 3 مهينن ۾ شوڪت خانم اسپتال بند ٿي ويندي، ٽن مهينن بعد اهو چيف ايگزيڪيٽو ته هليو ويو پر اها ڪينسر اسپتال اڄ به ساليانو 10 ارب روپيا غريبن جي مفت علاج تي خرچ ڪندي رهي آه??، وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ حڪمران انتظار ڪندا هئا ته خوشحالي ايندي ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائينداسين، اسان پاڪستان کي مديني جي رياسات وانگر فلاحي رياست بڻائڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو آه??، ان مقصد جي لاءِ رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪئي آه?? جيڪا تعليمي ادارن ۾ نبي ڪريم ﷺ جي سيرت جي حوالي سان تعليم ۽ آگاهي فراهم ڪندي. هن چيو ته مديني جي رياست ڪمزور طبقي جي ذميداري ورتي ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي، پاڪستان ۾ طاقتور جي لاءِ ڌار قانون هو ۽ امير ۽ غريب ۾ فرق وڌندو ويو. اڄ اسان صحت ڪارڊ جو جيڪو تاريخي قدم کنيو آه??، ايندڙ وقت ان جي اهميت ثابت ڪندو. هن چيو ته قومي سلامتي جو تحفظ انهي وقت ممڪن آه?? جڏهن عام ماڻهو رياست سان تعلق محسوس ڪري، ماضي ۾ حڪمران پئسو لُٽي ٻاهر کڻي ويا، اهي پنهنجو علاج به ٻاهرين ملڪ ڪرائيندا آه??، کين عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو احساس نه آه??، اسان جيڪي فلاحي قدم کنيا انهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، هيلٿ انشورنس تي ساڍا چار سئو ارب روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار جو تعلق هڪ پوئتي پيل علائقي سان آه?? ۽ هو عام ماڻهو جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن کان چڱي ريت آگاهه آه??، ان جي خلاف جهڙي مهم هلائي وئي اهڙي ڪنهن وڏي وزير خلاف نه هلائي وئي پر جڏهن سروي جي رپورٽ آئي ته خبر پئي ته هو پهريون نمبر وڏو وزير آه??، الله تعاليٰ کي عاجزي پسند آه?? جيڪو پهرين وڏو وزير هو اهو ٽوپيون ۽ بوٽ پائي گهمندو هو ۽ کنگهه جو علاج ڪرائڻ لاءِ به باهر ويندو هو، ان جو سڄو خاندان ٻاهر ويٺو آه??، وزيراعظم چيو ته صحت ڪارڊ هڪ پورو هيلٿ سسٽم آه?? ان سان صحت جو پورو نظام بهتر ٿيندو، سرڪاري ۽ پرائيوي?? اسپتالن ۾ مقابلي جي فضا سان صحت جو پورو نظام بهتر ٿيندو ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ به پرائيوي?? اسپتال ٺهندا ڇو ته ماڻهن وٽ علاج ڪرائڻ لاءِ پئسو موجود هوندو، وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ پنج نيون ماءُ ۽ ٻار جون اسپتالون ٺاهيون پيون وڃن ڇو ته صوبي ۾ ويم دوران موت جي شرح تم??م گهڻي آه??، پرائيوي?? اسپتالن کي به مراعتون ڏنيون وينديون ته جئين پوئتي پيل علائقن ۾ به پرائيوي?? اسپتال بڻجي سگهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلاحي رياست جي طور تي پوري دنيا جي لاءِ هڪ مثال بڻجندو، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحت ڪارڊ عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جو خواب آه??، اڄ راولپنڊي ڊويزن ??ي ضلعن جي عوام کي به صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، 56 اسپتال صحت ڪارڊ جي پينل تي هونديون، پنجاب حڪومت 31 ضلعن جي 11 ڪروڙ عوام کي صحت جي لاءِ 400 ارب روپيا مختص ڪيا آه??، مارچ جي آخر تائين پوري پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي سهولت ميسر هوندي.