اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغانستان جي عوام جي امداد وقت جي اهم گهرج آهي، افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو افغان عوام لاءِ ضروري آهي پر پاڪستان جي ??چ اوڀر جي ??لڪن تائين واپار لاءِ پهچ لاءِ به ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي حوالي سان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل (اي آءِ سي سي) جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ??ومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي خصوصي مددگار شهزاد ارباب ۽ افغانستان جي ??اءِ خصوصي نمائندي محمد صادق سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي آغاز تي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي آجيان ڪئي ۽ ان کي افغانستان ۾ بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪردار ۽ افغان عوام جي ??اءِ ان فورم تان انساني امداد جي حوالي سان هن وقت تائين کنيل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران افغان عوام جي امداد لاءِ پنج ارب روپين جو پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ روز مره استعمال جون ??يون، زندگي بچائڻ واريون ??وائون، ڪمبل، خيما ۽ سردي کان بچاءُ لاءِ ٻيون ??يون ??ه شامل هيون. اهڙيون ??المي غير سرڪاري تنظيمون ??يڪي افغانستان ۾ انساني امداد جي تحت طبي ڪاروباري ۽ ٻيا خصوصي قدم کڻڻ جو ارادو رکنديون ??هن انهن جي ??اءِ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل شروع آهي ته جيئن هو عالمي غير سرڪاري تنظيمون ??فغان عوام جي ??اءِ انساني امداد لاءِ پنهنجون ڪوششون ??ستعمال ۾ آڻي سگهن، اهڙي طرح افغانستان واپسي لاءِ هن وقت تائين ڦاٿل مريضن جي ??اءِ سهولتن جي آڇ به ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري قيام لاءِ هڪ تجويز وزيراعظم کي منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي. اهڙي طرح پشاور جلال آباد ۽ ڪوئيٽا قن??ار جي ??چ ۾ بس سروس شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جاري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اعليٰ سطحي آفيسرن جو هڪ وفد افغانستان جو دورو ڪندو ۽ افغان حڪومت سان گڏجي امدادي سرگرمين بابت رخن جو جائزو وٺندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر افغان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان فورم پاران پاڙيسري ملڪ جي امداد لاءِ ڪوششون واکاڻ جوڳيون ??هن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مشڪل جي ??قت ۾ عالمي برادري کي افغانستان جي عوام کي بي آسرو نه ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو افغانستان جي عوام لاءِ ضروري آهي پر وچ اوڀر تائين پاڪستان جي ??هچ لاءِ به ضروري آهي.