اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عام ماڻهن کي رليف پهچائڻ لاءِ سڀني جاري ترقياتي ??نصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياري شروع ڪرڻ جي هداي?? ڪئي آهي. اها هدايت هن بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان ڳالهائيندي ڏني جنهن ساڻس ملاقا?? ڪئي. وزيراعظم جي ميڊيا آفيس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان صوبي خاص طور تي اتر بلوچستان جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان عام ماڻهن کي رليف پهچائڻ لاءِ سمورن جاري ترقياتي ??نصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هداي?? ڪئي، وزير??عط?? بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ تياري شروع ڪرڻ جي به هداي?? ڪئي.