اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بين المذاهب هم آه??گي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آه?? ته اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آه??، موجوده حڪومت جي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آه??، جهڙيءَ ريت قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي هئي اهڙيءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو. مسيحي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين پاڪستان تحت زندگي گذاريندڙن کي ڪا پريشاني ناهي، اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آه??. هن چيو ته موجوده حڪومتي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آه??. سيالڪوٽ ۾ هڪ چرچ ۾ بين المذاهب هم آه??گي تقريب جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ان ۾ مان پاڻ شرڪت ڪندس. هن چيو ته قومي مسئلن ۽ دهشتگرديءَ جو حل قومي ايڪشن پلان ۾ آه??، نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني ٿي رهي آه??. گذريل حڪومتن ۾ نيشنل ايڪشن پلان صرف مسجدن جا لائوڊ اسپيڪر لائڻ تي محدود هو، وزيراعظم عمران خان ان حو??لي سان هڪ ميٽنگ ڪري چڪو آه??. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اي پي ايس سانحو ٿيو هو، ان ع??م سان آغاز ڪري رهيا آه??ون ته پاڪستان سڀني جو آه??، اسان پاڪستان جي بچاءَ ۽ ترقي لاءِ ملي ڪري ڪم ڪنداسين، جهڙيءَ طرح قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي اهڙيءَ طرح ئي سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ توهين مذهب جو 137 شڪايتون آيون، جيڪڏهن ڪو توهين ڪري ٿو ته ان جي شڪايت کڻي عدالت ۾ يا پوليس وٽ وڃو، ان حو??لي سان قانون موجود آه??، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه آه??.