اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي انساني همدردي، ثقافت ۽ خانداني معاملن بابت ا??سٽ??ٽ سيڪريٽري جنرل طارق علي بخيت او آءِ سي پاران مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان عوام جي ڀرپور مدد جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ڪ??نف??نس افغانستان ۾ انساني بحران مان سرخرو ٿيڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار رکندڙ هوندي، ان ڏس ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي اجلاس ۾ تمام اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪئ?? ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم پاران افغانستان جي موجوده صورتحال تي سعودي عرب جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪ??نف??نس گهرائڻ جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا، هن پاڪستان پاران ان ڪ??نف??نس جي ميزباني ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو، هن اميد ظاهر ڪئ?? ته اها ڪ??نف??نس پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ان ڪ??نف??نس جا ڪيترائي مقصد آهن ته ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙي طرح او آءِ سي افغانستان ۾ انساني همدردي امداد لاءِ جامع حڪمت عمل?? جوڙي سگهي ٿي، اهو ڪ??نف??نس جو بنيادي مقصد آهي ۽ هي ڪ??نف??نس ان ڏس ۾ اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪندي، هن چيو ته ان ڪ??نف??نس ۾ ان انساني بحران جي حل لاءِ جامع ۽ ٺوس قدمن تي به غور ڪيو ويندو، هن چيو ته او آءِ سي ان کان اڳ ماضي ۾ به وزارتي ۽ سربراهي سطح تي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان جامع حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ هي ڪ??نف??نس طلب ڪئ?? وئي آهي، ان ڪ??نف??نس ۾ ميمبرن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته او آءِ سي افغانستان جي ان نازڪ صورتحال جي حوالي سان گهڻي سنجيده ۽ پرعزم آهي، هڪ سوال ج?? جواب ۾ هن چيو ته اها ڪ??نف??نس افغان عوام جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ او آءِ سي ان ڏس ۾ سمورن ادارن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي.