اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آه?? ته اها اف??انستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي، اف??انستان ۾ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله سان ملاقات دوران ڪ??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ايران جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي پهرين دوري جي آجيان ڪندي اف??انستان جي موجوده معاشي صورتحال بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪ??و. ??ن چيو ته اف??انستان ۾ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي انهدام کان بچڻ جي لاءِ عالمي انساني امداد جي فوري ضرورت آه??. هن اميد ظاهر ڪئي ته غيرمعمولي اجلاس سان اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کي اف??انستان جي مدد جو موقعو ملندو. وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اف??انستان ۾ ڊگهي مدي واري نئين سر تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي لاءِ اضافي طريقا ڳولي. ٻطرفن معاملن بابت وزيراعظم عمران خان دوستاڻن ٻطرفن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجا??و. ??ن ايران خاص طور تي سپريم ليڊر پاران ڪشمير تڪرار تي مسلسل حمايت کي ساراه??و. ??زيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر امير حسين عبدالله اف??انستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني جي فيصلي تي پاڪستان کي ساراه??و. ??ن گڏيل لاڳاپن جي فروغ لاءِ ايران جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.