اسلام ??با?? – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل شاگردن ۽ يونيورسٽين جي هٿ ۾ آهي، شاگرد ۽ يونيورسٽيون ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا، آمريڪا جي اسٽينف??رڊ يونيورسٽي ٽي ٽريلين ڊالر جي اڪانومي کڙي ڪئي، يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز ملڪي ترقي لاءِ هدف مقرر ڪن، پاڪستان ??رع?? برآمدات جو هڪ وڏو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، ماڊرن ايگريڪلچر جي اندر وسيع موقعا آهن، شاگرد پنهنجون ڪمپنيون جوڙي ??با??گارن کي لائيو اسٽاڪ سميت سمارٽ فارمنگ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پير مهر علي شاهه باراني يونيورسٽي ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جو مستقبل شاگردن ۽ يونيورسٽين جي هٿ ۾ آهي، شاگرد ۽ يونيورسٽيون ملڪ جي تقدير بدلائي سگهن ٿا. هن چيو ته نوجوان آءِ ٽي ۾ انقلاب برپا ڪيو، واٽس ايپ ، ياهو، فيس بڪ ۽ ايمازون جا باني به نوجوان هئا، آمريڪا جي اسٽينف??رڊ يونيورسٽي ٽي بلين ڊالر جي اڪانومي کڙي ڪئي، وفاقي وزير چيو ته يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز ملڪي ترقي ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجا هدف مقرر ڪن. هن چيو ته قيام پاڪستان جي وقت صرف هڪ يونيورسٽي هئي، هاڻي 200 يونيورسٽيون موجود آهن، ملتان، فيصل ??با??، ٽنڊو آدم، لسبيله سميت راولپنڊي ۾ قائم ??رع?? يونيورسٽيون شاندار ڪم ڪري رهيون آهن، هن چيو ته يونيورسٽيون ۽ نجي ڪاروباري ادارن ۾ را??طو هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وزير چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته وڏي تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ??رع?? يونيورسٽين ۾ موجود آهن، هن چيو ته شاگردن کي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ حصو وٺڻو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ??رع?? روانگي واپار جو هڪ وڏو ذريعو بڻجي سگهي ٿو، جديد زراعت ۾ وڏا موقعا آهن، شاگردن کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي، ان مقصد لاءِ شاگرد پنهنجون ڪمپنيون جوڙين جيڪي ??با??گارن کي لائيو اسٽاڪ سميت سمارٽ فارمنگ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪووڊ جو پهريون ڪيس جڏهن سامهون آيو ته ان وقت اسان ڪووڊ بابت ڪا به شيءَ تيار نه ڪري رهيا هئاسين، ماسڪ، وينٽي ليٽرز ۽ ڪووڊ جي حفاظتي ڪٽس درآمد ڪيون پئي ويون، اسان وٽ تي سيني ٽائرز جي کوٽ ٿي جيتوڻيڪ اسان ايٿانول برآمد ڪندا هئاسين ان لاءِ اسان ڊريپ جي ايٿانول تي پابندي ختم ڪرائي ۽ صرف ست مهينن جي مختصر عرصي ۾ پاڪستان ڪووڊ بابت سامان مقامي سطح تي تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسلام ??با?? کي دنيا ۾ منفرد مقام حاصل آهي، دنيا جي 63 سيڪڙو ??با??ي اسلام ??با?? مان صرف ٽن ڪلاڪ جي مسافري تي آهي، هن شاگردن کي مشورو ڏنو ته هو يونيورسٽي جي نصاب سان گڏوگڏ دنيا ۾ ٿيندڙ جديد ريسرچ جو به مطالعو ڪن.