اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فوا?? حسين سينيئر صحافي، تجزيه نگار ۽ روزاني پاڪس??ان جي گروپ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر قدرت الله چوڌري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ?? هن چيو ته قدرت الله چوڌري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم قدرت الله چوڌري جي لاڏاڻي سان ملڪي صحافت جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو آهي، صحافت جي شعبي ۽ صحافي برادري جي حقن جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قدرت الله چوڌري کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.