اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي متاثرين جي مدد لاءِ بلوچستان حڪومت کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال جي شروعاتي رپورٽ وز??راعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي. وز??راعظم سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي رليف فراهمي ۾ بلوچستان جي حڪومت کي سموري ممڪن مدد جي فراهمي جي هدايت ڪئي، وز??راعظم زخمين کي بهترين طبي امداد جي فراهمي جي به هدايت ڪئي. هن چيو ت?? وفاقي حڪومت ان مشڪل گ??ڙي ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي.