اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم عمران خان جي ڊيجي??ل ميڊيا فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد ۽ ڊيجي??ل ميڊيا ونگ جي جنرل مئنيجر عمران غزالي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تجويز ڪيل ڊيجي??ل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ پاليسي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، جنهن جي حتمي منظوري وزيراعظم آفيس پاران ڏني ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت 93 ملين انٽرنيٽ صارفين موجود آهن جڏهن ته اهو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي. انهي رجحان کي نظر ۾ رکندي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ پاليسي جوڙڻ جي پڻ تجويز پيش ڪئي وئي آهي. في الحال وفاقي حڪومت جي ڊيجي??ل ميڊيا ايڊورٽائيزمينٽ جو ڪو طريقيڪار موجود نه آهي. منطوري کانپوءِ اها پاڪستان جي حڪومت جي تاريخ جي پهرين پاليسي هوندي جنهن تحت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ذريعي حڪومت ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي تشهير ڪري سگهندي. پاڪستان جي ڊيجي??ل ميڊيا صنعت تيزي سان پکڙجي ??هي آهي. ڄاڻايل پاليسي تحت نه رڳو نئين ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ پبلشرز جي حوصلا افزائي ٿيندي پر پاڪستاني معيشت کي پڻ فائدو پهچندو. ڊيجي??ل ميڊيا جي توثيق سان ڪارپوريٽ سيڪٽر پڻ ڊيجي??ل ميڊيا کي بطور اشتهاري مهم استعمال ڪرڻ طرف راغب ٿيندو. ڊاڪٽر ارسلان خالد وزيراعظم کي ڊيجي??ل ميڊيا ڊيولپمينٽ پروگرام جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان گهڻ رخي پروگرام جي نتيجي ۾ پاڪستاني ڊيجي??ل ميڊيا جي ترقي ۽ ترويج ۽ هيٺئين سطح تائين ڊيجيٽل خواندگي جو فروغ ممڪن ٿيندو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پي ايم ڊي پي شاگردن، پاڪستان حڪومت ۽ ڊيجي??ل ميڊيا جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪندو ۽ ڊيجي??ل ميڊيا جو محفوظ مستقبل يقيني بڻائيندو.