لاهور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته عوام کي صحت جي معياري ۽ سستي سهولتن جي فرا??مي ۽ سماجي ??حفظ فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي، هليٿ ڪارڊ جي ڪري نه رڳو عام ماڻهو کي صحت جي ??والي سان تحفظ فراهم ٿيندو پر صحت جي نظام ۾ به انقلابي تبديلي رونما ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ انشورنس جي فرا??مي جي ??والي سان اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جي ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪ??ي. اجلاس ۾ پنجاب جي ??وبائي ڪابينا پاران صوبي جي 100 سيڪڙو آبادي کي هن سال جي ??خر تائين يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فرا??مي جي منظوري کانپوءِ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي ??والي سان آگاهه ڪيو ويو، صحت سهولت پروگرام جي فزيبلٽِ، بجيٽ جي ڪاٿي ۽ مرحليوار عملدرآمد تي شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ويو ??ه ڊگهي مدي واري پلان تحت موجوده مالي سال جي پڄاڻي تائين ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ڊويزن جي 7 ضلعن ۾ هليٿ ڪارڊن جي فرا??مي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته ڊسمبر 2021ع تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي کي يونيورسل هيلٿ انشورنس تحت هيلٿ ڪارڊ جي ??ريعي علاج جون بهترين سهولتون ميسر هونديون.