اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) بجلي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت اسان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي، کين خبر هئي ته سندن حڪومت نه ايندي ۽ ان جي غلط معاهدن ۽ منصوبن جو نتيجو ??يندڙ حڪومت ڀوڳيندي، موجوده حڪومت ان جي غلط پاليسين جو ??ار عوام تي نه وڌو، اربين روپين جي سبسڊي ڏني پر عوام تي بار نه وڌو، انهن جي غلط پاليسين جو نتيجو ??يندڙ سالن ۾ به ڀوڳڻو ??وندو، جڏهن انهن کان سوال ڪريون ٿا ته هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندا آهن، ملڪ کي گروي رکي هليا ويا، عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، انهن جا جلسا ناڪام ٿي چڪا، اهي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ سڌارن کان ڊنل آهن، اسان انرجي اسٽرڪچر کي تبديل ڪر?? رهيا آهيون، توانائي جي شعبي ۾ نوان ۽ شفاف معاهدا ڪر?? رهيا آهيون. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي عمر ايوب خان چيو ته مخالف ڌر جي يادداشت ڪمزور آهي يا وري اهي حقيقن کي ڄاڻي واڻي مسخ ڪر?? رهيا آهن، گذريل ڏينهن ملڪ ۾ پاور پلانٽس جي ٽرپ ڪرڻ ??ي ڪري بليڪ آئوٽ ٿيو، ان طرح جو ??ليڪ آئوٽ اڳوڻي حڪومت ۾ 8 ڀيرا ٿيو جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳا، اسان ٽن ڪلاڪن ۾ و??ن شهرن ۾ بجلي بحال ڪري ڇڏي جڏهن ته 8 ڪلاڪن ۾ پوري ملڪ ۾ اهو مسئلو ٿي ويو، ان معاملي جي جاچ ٿ?? رهي آهي ۽ حڪومت پوري نظام جو ??ائزو وٺندي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت 18 ، 19 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي ٽرانسمينٽ نه ڪئي، اسان اها صلاحيت ساڍا 23 هزار تائين وٺي وياسين، اڳوڻي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين غلط فيول مڪس متعارف ڪرايو جنهن جو نتيجو نه رڳو اسان پر عوام به ڀوڳ?? رهي آهي، اڳوڻي حڪومت اسان جي رستي ۾ بارودي سرنگهون وڇائي وئي ڇو ته کين خبر هئي ته ٻيهر سندن حڪومت ناهي اچڻي.