اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم جيڪڏهن اڳ وانگر ڪورونا کان بچاءُ جي ضابطن تي عمل ڪيو ته ماڻهن سان گڏوگڏ پنهنجي ڪاروبار ۽ معيشت کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسي??، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي سگهي ٿي، گلگت بلتستان ۾ چونڊن کانپوءِ ڪورونا تيزي سان پکڙيو آهي، ڪورونا وبا جي ڏس ۾ اسان پنهنجو جلسو ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي هوندي، فيڪٽ??ين?? دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻ??يو وڃي، اسڪولن ۾ ڪورونا جي صورتحال جو وڌيڪ جائزو وٺي ايندڙ هفتي فيصلو ڪيو ويندو. اه??ن خيالن جو اظهار هن ڪورونا بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.