اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان ۾ مڪمل ام?? امان کي يقيني بڻائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي تعمير ۽ ترقي جو منصوبو نه رڳو بلوچستان پر پوري علائقي جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، گوادر ۽ سي پيڪ جي منصوبن مان مڪمل طور تي فا??دو کڻڻ جي لاءِ ضروري آهي ته بلوچستان ۾ انفرااسٽرڪچر جي قيام تي خص??صي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل (قومي ترقياتي ڪائونسل) جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.