اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪ??ر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي معاملي جي انڪوائري وزيراعظم جي حڪم تي شروع ٿي، هن پاڪستان جي عوام کان حقيقتون نه لڪائڻ جو واعدو پورو ڪر?? ڇڏيو آهي، قوم جي صحت جي پئسن تي هٿ صاف ڪندڙن جي پنهنجي صحت بهترين آهي. خاص مددگار ڊاڪ??ر فردوس عاشق اعواڻ شاهد خاقان عباسي ??ي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو ته هن وقت قومي اتحاد کي چڪنا چور ڪندڙ پاڪستان جي عوام جو د??ست نه ٿو ٿي سگهي، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ شاهد خاقان عباسي پنهنجي ڪر??نا زده سوچ جو اظهار وائرس جي خلاف جنگ دوران نه ڪن ته بهتر ٿيندو.