اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس تي سارڪ وڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان خط?? جي عوام جي زندگي ۽ ان جي صحت بابت اهو ئي فڪر ۽ احساس رکي ٿ?? جيڪو پنهنجي شهرين جي حوالي سان ان کي آهي، سارڪ تنظيم خط?? ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سارڪ تنظيم خط?? ۾ رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي، ان اداري جي حقيقي ڪردار جو ان کان بهتر وقت ٻيو نه ٿو ٿي سگهي.