ڪوئيٽا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان بلوچستان جي هر علائقي خاص طور تي ڏکڻ بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين، اسان جي حڪومت جي ا??لي?? ترجيح پوئتي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ پوئتي پيل علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي آهي. هو هتي بلوچستان جي صو??ائي ڪابينا جي ميمبرن سان ملاقات ۾ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، دفاعي پيداوار وار?? وفاقي وزير زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ملاقات ۾ شريڪ هئا.